پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڪيميڪل سان ناياب وڻن جي تباهي، ڳوٺاڻن جو مظاهرو

مٺي: مٺي جي رڻ ڪنڌي سان لڳندڙ وٽ واري علائقي ۾ بااثرن گگرال ۽ کونئر لاهڻ لا ڪيميڪل ذريعي هزارين ناياب وڻ سڪائي تباهه ڪري ڇڏيا. علائقي جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو. خبر موجب مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو تعلقن جي سرحدي بارڊر ۽ رڻ ڪنڌي سان لڳندڙ وٽ واري علائقي ۾ گگرال ۽ کونئر مافيا هزارين ناياب وڻن کي زهريلي ڪيميڪل سان ٽڪي سڪائي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، مقامي آبادي جي چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جي چراگاهن مان وڻن جي واڍي ۽ ڪيميڪل سان تباهي خلاف ڳوٺاڻان سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، پر سنڌ سرڪار توڙي ضلع انتظاميا نوٽيس وٺڻ جي زحمت ناهي ڪئي. ان ڏس ۾ مختلف ڳوٺن ڏينڻيون لنجا، ڪانگيڻي، تيراڙ نھرويرو، ڇڇي سمان، سانگ ڦاٽوڙ، ڳوڌيو، نيٻلو، نبي سر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ڳوٺن جي مالوند ماڻھن علائقي جي ڳوٺ ڏئيڻيون ۾گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد حيات لنجو، لقمان لنجو، الهڏنو هالاڻي، فتح محمد لنجو، ڄام سمون، اشرف سمون، عبدالرحمان سمون، بچل لنجو، محمد متارو، حسن علي، محمد موسى، نواز علي ۽ ٻين چيو ته ٿر جي فطر سونھن کي برباد ڪندڙ گُگرال کي ڪيميڪل لڳائي کوئنر حاصل ڪندڙ مافيائن ھتان جا ٻيلا تباهھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آھن، حد جُھن ٿاڻي جي پوليس ۽ ٻيلي کاتي جي ڪامورن منٿلي وٺي مافيائن کي ناياب وڻ ختم ڪرڻ جي سرعام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي، ھن خطرناڪ ڪيميڪل جي وبا سبب نه رڳو گگرال جو وڻ تباھه ٿي رھيو آهي، پر ڪونڀٽ ڪنڊي، ڦوڳ روھيڙو ۽ ٻيا به وڻ ڪيميڪل لڳڻ سبب ختم ٿيندا وڃن، گئوچر سيمن مان زبردستي ڪونڀٽ ڪنڊي ڦوڳ جو ڪاٺ وڍي وڪرو ڪرڻ ۽ من پسند ماڻھن کي شھرن ڏانهن گاڏيون ڀري موڪلڻ جو سلسلو جاري آھي، اسان حد جي پوليس ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي ضلعي آفيسرن کي شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چتا ڏنو ته وڻن کي ڪيميڪل ذريعي تباهه ۽ واڍي بند ڪرائي ملوث مافيائن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ مٺي ۾ چيف جسٽس جي دوري دوران کيس درخواست ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button