سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چور سپر اسٽور جا تالا ٽوڙي 45 هزار ۽ سامان کڻي ويا

لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي جتوئي شاپبنگ سينٽر ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن دڪاندار بسم الله سپر اسٽور جا تالا ٽوڙي 45 هزار روڪ ۽ 8 هزارن ماليت جا صابڻ، سگريٽ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري وياز اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي دڪاندار شهزاد علي شيخ ٻڌايو ته گذريل رات دير سان چورن منهنجي سپر اسٽور جا تالا ٽوڙي 45 هزار روڪ ۽ 8 هزارن ماليت جو سامان چوري ڪيو آهي. پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري رقم ۽ سامان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button