ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ حبيب خان مري موڙ وٽ سٽي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار غلام محمد ولد مولابخش ڳاهو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. پوليس موجب جوابدار ڏوهھ جي ارادي سان بيٺل هو، جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي ڪارروائي ۾ جوابدار کي ڄنگهه ۾ گولي لڳي، جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي، جوابدار روپوش ڏوهاري آھي، جنهن مٿان سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ 18 ڪيس داخل ٿيل آھن، وٽائنس هڪ ٽي ٽي پسٽل، ميگزين ۽ گوليون هٿ آيون آهن. هوڏانهن پوليس زخمي کي تعلقي اسپتال آندو، جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. سٽي ٿاڻي تي جوابدار خلاف پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close