اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ اوميڪرون ڪيسن ۾ خطرناڪ واڌ،احتياط ڪيو وڃي:اين سي او سي

اسلام آباد :اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي رش وارن هنڌن تي نه وڃڻ، ماسڪ جي استعمال ۽ احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اومي ڪرون دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان کان محفوظ رهڻ جي لاءِ ويڪسينيشن تمام ضروري آهي. هن چيو ته اومي ڪرون ڏکڻ آفريقا مان شروع ٿيو ۽ هاڻي پاڪستان ۾ به اومي ڪرون جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، هن ويرينٽ جي رفتار تمام تيز آهي، عوام رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪري، ماسڪ پائي ۽ تمام گهڻو احتياط ڪري. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا کانپوءِ آمريڪا، برطانيا ۾ به اومي ڪرون تيزي سان پکڙيو آهي، ڏکڻ آفريقا ۾ اسپتال ويندڙ مريضن ۾700 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ لڳ ڀڳ 300 سيڪڙو ماڻهو اسپتال ويا. وفاقي وزير چيو ته ڏکڻ آفريقا جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ويڪسينيٽڊ ماڻهو وڌيڪ آهن، جن ماڻهن ويڪسين ڪرائي آهي، انهن کي هن بيماري کان گهٽ خطرو آهي. اسد عمر چيو ته پاڪستانين جي لاءِ سڀ کان اهم پيغام اهو آهي ته ويڪسينيشن ڪرائين، 12 سالن کان مٿي وارن کي ويڪسين ڪرائڻ جي اجازت آهي، اومي ڪرون جا ڪيسز سامهون اچڻ جي شرح 8 ڏهائي هڪ سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ رهندڙن کي سڀني کان وڌيڪ خطرو هوندو آهي، رڳو 60 سيڪڙو ڪيس ڪراچي ۽ لاهور مان اچي رهيا آهن، هڪ ڊوز لڳرايو آهي ۽ ٻئي ڊوز جو وقت اچي ويو آهي ته فوري طور لڳرايو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪيسن جي شرح ۾ ٻن هفتن دوران 940 سيڪڙو واڌ ٿي، پنجاب ۾ 10 کان 12 ڏينهن ۾ 185 ڪيسن جي واڌ ٿي، دنيا جون شاهديون ٻڌائين ٿيون ته ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ويڪسينيشن سان پکيڙ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button