اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان جي ترقي ۽ صوبي ۾ تازو ئي ٻوڏ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي متاثر آبادي کي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ تباهه ٿيل انفرااسٽريڪچر جي نئين سر تعمير لاءِ موثر قدم کڻن. چيئرمين سينيٽ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ۽ باقاعدگي سان پيروي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close