اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس اطهر من الله اڄ جمعي تي فيصلو ٻڌائيندو. اربع تي شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله سي ڊي اي جي ميمبر اسٽيٽ کان پڇاڻو ڪيو ته فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ 2 وضاحتون ضروري آهن. جيڪڏهن قانون ۾ اجازت نه هجي ته اوهان ان کي به اين او سي جاري ڪري ڇڏيو ٿا. هن چيو ته مثال طور هاءِ ڪورٽ بزنس نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان اپلائي ڪريون ته ڇا اين او سي جاري ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته ڇا اوهان ايئن ۽ قانون جي تابع ناهيو، اهڙي درخواست اچڻ تي اوهان جو پهريون اعتراض ئي اهو هجڻ گهرجي ته درخواست انٽرٽين نٿا ڪري سگهو. چيف جسٽس چيو ته ڇا زون فور ۾ 1993 ۾ اڏاوتون ٿي سگهن پيون؟ ميمبر پلاننگ سي ڊي اي چيو ته ان وقت اتي فارم هائوسز جي اجازت هئي، نيوي سيلنگ ڪلب اڃا تائين سيل آهي. ميمبر اسٽيٽ سي ڊي اي چيو ته بلڊنگ باءِ لاز 2020 تحت غيرقانوني عمارت کي ڊاهيو به وڃي ٿو. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي جي اين او سي رد ٿي وڃي ته اوهان ڇا ڪريو ٿا. ميمبر اسٽيٽ سي ڊي اي چيو ته اين او سي رد ٿي وڃي ته اسان ان کي ٽيڪ اوور ڪيون ٿا. سي ڊي اي چيو ته اين او سي بنا ڪم ڪندڙ غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽيز جون مئنجمنٽ آفيسون به سيل ڪيون وڃن ٿيون. چيف جسٽس چيو ته ڊائريڪٽر هائوسنگ نيول فارمز ڪير آهي، ڇا اوهان ان جي آفيس به وڃي سيل ڪندا. راول ليڪ تي سمال ڊيمز جي ڪناري اڏاوت تي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close