اسلام آباد :ايف بي آر ملڪ ۾ ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي درآمد ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ ۾ ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي درآمد ٿيندو آهي. ايف بي آر ميمبر اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ساليانو 160 ٽن سون استعمال ۾ ايندو آهي. 80 ٽن سون مختلف ملڪن مان اسمگلنگ ذريعي اچي ٿو. پاڪستان ۾ سون جي مارڪيٽ لڳ ڀڳ 2 ڏهائي 2 ٽريلين رپيا آهي، ايف بي آر ۾ رڳو 29 ارب رپيا گولڊ مارڪيٽ ڊڪليئرڊ آهي. گولڊ ايسوسيئيشن جي اختيارين چيو ته رڳو سون نه پر ڊائمنڊ به اسمگلنگ ذريعي اچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سون درآمد ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي ۽ ٽيڪس نظام ناهي، 36 هزار سون جو ڪم ڪندڙن مان رڳو 54 گولڊ سمٿ ٽيڪس ڏيندا آهن. واپار واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته سون ڪمرشل بنيادن تي درآمد ڪرڻ جي اجازت ناهي، سون درآمد ڪرڻ جي لاءِ ڊالرز جو بندوبست پاڻ ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تي ڪميٽي جو چوڻ هو ته سون اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close