پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جو درآمد ڪيل ڀاڻ خريد نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار ڏيندي درآمدي ڀاڻ وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي، عمران حڪومت زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهي، سنڌ درآمدي ڀاڻ خريد نه ڪندي، هتي پيدا ٿيندڙ يوريا ڀاڻ مان سنڌ کي جائز حصو ڏنو وڃي، عمران سرڪار ڀاڻ افغانستان اسمگلنگ ڪرائي مافياز کي فائدو ڏنو. منطور وساڻ جو وڌيڪ ردعمل ۾ چوڻ هو ته زرعي ملڪ هجڻ باوجود ڪڻڪ، کنڊ، دالون، يوريا ڀاڻ ۽ ٻيون شيون ٻاهران درآمد ڪيون پيون وڃن، رياست مدينه جي حڪومت ۾ ملڪ جا آبادگار ڀاڻ لاءِ روئي رهيا آهن، عمران عوام کان پوءِ هاڻ آبادگارن کي پيو روئاري، ٻاهران يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ بجاءِ وفاق مصنوعي قلت ۽ اسمگلنگ تي ڪنٽرول ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button