پاڪستانپنجاب

صحافي مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪن:شهباز گل

اسلام آباد :وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ن ليگ، مريم صفدر ۽ پرويز رشيد جي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ۽ انهن جي پريس ڪلب ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان صحافتي تنظيمن کان مطالبو ڪيون ٿا ته مريم صفدر ۽ پرويز رشيد جي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ۽ انهن جي پريس ڪلب ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي يا پوءِ اهو رد عمل صرف مڊل ڪلاس ماڻهن لاءِ آهي. هن چيو ته اسان ڪوڙي خبر تي سوال ڪيون ٿا ته اسان تي پابنديون لڳيون وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان سينيئر صحافين کي ڪجهه نه ٿا چئون، توهان کي ضرور ڳالهائڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button