اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم خلاف فرد جرم ڪارروائي ملتوي،ڌرين کي سوچڻ جي مهلت

اسلام آباد :چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله گلگلت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جو ڪو اهڙو آرڊر ڏيکاريو، جنهن ۾ شڪ هجي ته جج کي انفلوئنس ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر مان الله راڻا شميم جي حلفي بيان بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. جسٽس اطهر من الله سينيئر صحافي انصار عباسي کي چيو ته انصار صاحب، اوهان جي درخواست آئي آهي. ٻڌايو ته آرڊر ۾ ڪٿي غلطي آهي؟ ان پروسيڊنگ سان به واقف ٿي رهيو آهيان. انصار عباسي چيو ته آرڊر ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن غلط حقيقتون به ٿيون ته عوام جي مفاد ۾ ڇاپيندس، مون اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اوهان درخواست ۾ اهو به لکيو آهي ته اوهان کي خبر ناهي ته حلفي بيان درست آهي يا غلط. اظهار جي آزادي جو خيال هن بينچ کان وڌيڪ ڪنهن کي به ناهي. جيڪڏهن ڪو وڏو نالو اوهان کي حلفي بيان ڏيندو ته ڇا ڇاپي ڇڏيندئو؟. هن چيو ته بيانيو اهو آهي ته ثاقب نثار هڪ ڪيس ۾ جج سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. بينچ ۾ به اهو جج صاحب شامل ئي نه هو، بينچ ۾ ته آئون، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ ميان گل حسن اورنگزيب شامل هئا. ان مان ته اهو لڳي ٿو ته اسان ٽئي ججز انفلوئنس هئاسين. چيف جسٽس چيو ته سموري پروسيڊنگ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ته اوهان کي احساس ٿئي ته اوهان ڇا ڪيو؟ اوهان اڳيون سموريون اخبارون ڏسي ڇڏيو ته اوهان ڇا ڇاپي رهيا آهيو؟ جاچ ڪرائڻي آهي ته انهن جي نه ٿيندي جن بابت اوهان لکيو آهي. انڪوائري وري انهن ججز جي ٿيندي جيڪي ان وقت بينچ ۾ شامل هئا. جڏهن اسٽوري آئي ته اپيلون 2 ڏينهن بعد ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيون. انصار عباسي چيو ته حلفي بيان بابت راڻا شميم کي ٻڌائڻو آهي، اسان راڻا شميم جي دعويٰ کي ڇاپيو ۽ ثاقب نثار جي به دعويٰ کي ڇاپيو هو ته اهڙو ڪجهه نه ٿيو هو. چيف جسٽس چيو ته عدالت اظهار جي آزادي جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿي، عدالت سڀني کان وڌيڪ سائل جي حقن جي محافظ آهي. مون مٿان جيتري به تنقيد ٿئي مون تي ڪوبه فرق نٿو پوي. عدالت ۾ شناوئي هيٺ ڪيسن جي اهميت جو ڪنهن کي به اندازو ناهي، بي سمجهي ۾ به شيون ٿي وينديون آهن. هن چيو ته جڊيشل ڪيريئر ۾ هي ٻيو توهين عدالت جو نوٽيس ورتو آهي. اڳ به هڪ التوا هيٺ ڪيس سبب توهين عدالت جو نوٽيس ورتو هو، اوهان جو هتي ڪيس آهي ۽ اوهان عالمي ادارن جا بيان ڇاپيا. انصار عباسي چيو ته منهنجي خيال ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي نه پر ڪورٽ کي طئي ڪرڻو آهي، اوهان عدالت کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهو. سينيئر صحافي ناصر زيدي چيو ته اسان کي هن عدالت مان انصاف مليو آهي ۽ اوهان اونداهي ۾ روشني جي لاٽ آهيو، عدالت کي استدعا آهي ته چارج کي فريم نه ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا هن عدالت جو آخري آرڊر انٽرنيشنل آرگنائيزيشنز کي اماڻيو ويو؟ جنهن تي ناصر زيدي چيو ته عدالتي حڪم نامو پرنٽ ٿيو ۽ اُن جو متن پوري دنيا ۾ ويو. چيف جسٽس چيو ته ڇا حالتن ۽ واقعن ۾ ٻاهر جي ڪنهن شخص کي عدالتي مددگار ٺاهيان؟ صحافي انصار عباسي چيو ته اسان مختلف بيان ڇاپيون ٿا، اهو نٿا چئون ته بيان ڏيڻ وارو سچ ڳالهائي رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان کي يقين نه هو ته حلفي بيان سچ آهي ته اوهان ڇو ڇاپيو؟ انصار عباسي چيو ته حلفي بيان جي شايع ٿيڻ ۾ احتياط ڪيو ۽ عدالت يا وري هن ڪورٽ جي جج جو نالو نه لکيو هو، منهنجي نظر ۾هي معاملو التوا هيٺ نه هو. عدالت رمارڪس ڏنا ته غلطي جو اعتراف ڪرڻ سان عزت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ايندڙ شنوائي تائين سوچڻ جو وقت ڏيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button