اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ غيرقانوني ٺاهيل نيوي ڪلب ٽن هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ راول ڍنڍ جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيوي ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله شهري جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي 3 هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي عمل ڪرائڻ جي رپورٽ به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيوي کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪنهن به قسم جي ريئل اسٽيٽ منصوبي ۾ شامل ٿئي. سي ڊي اي کي اهو اختيار نه هو ته هو نيول فارمز کي اين او سي جاري ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ ٻين ذميوارن جي خلاف فوجداري ۽ مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته پاڪ فوج جو اهم اسٽيٽس اهي جنهن جو مينڊيٽ آئين ۾ ٻڌايو ويو آهي. نيوي کي اهو اختيار ناهي ته هو ريئل اسٽيٽ وينچر ڪري. ريئل اسٽيٽ بزنس لاءِ اداري جو نالو استعمال نٿو ڪري سگهجي. اٿارٽي کي اهو اختيار نه هو ته نيوي کي اين او سي جاري ڪري. پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ ايريا تي قبضو ڪيو، سيلنگ ڪلب غيرقانوني آهي. نيوي سيلنگ ڪلب جي بلڊنگ 3 هفتن ۾ ڊاٺي وڃي. اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي غيرقانوني عمارت جو افتتاح ڪري پنهنجي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. غيرقانوني عمارت ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مس ڪنڊڪٽ ۽ فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button