پاڪستانپنجاب

عدت پوري ڪرڻ کان سواءِ شادي ڪندڙ جوڙي کي زنا جو ڏوهاري نه ٿو قرار ڏئي سگهجي:لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور :لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته عدت کانسواءِ نڪاح کي غيرقانوني يا ناجائز قرار ڏئي سگهجي ٿو پر ان کي باطل قرار نٿو ڏئي سگهجي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي ضياءَ باجوا، امير بخش جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. امير بخش جو خيال هو ته هن جي اڳوڻي زال آمنه هڪ طرفي طور عدالت کان نڪاح رد ڪرائڻ جو فيصلو ورتو ۽ ٻئي ڏينهن اسماعيل نالي هڪ شخص سان شادي ڪئي. درخواستگذار جو چوڻ ھو ته چيو ته عدت پوري ڪرڻ کانسواءِ ٻي شادي زنا جي زمري ۾ اچي ٿي، ان ڪري آمنا ۽ اسماعيل خلاف زنا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته درخواستگذار جي موقف کي درست مڃي به وٺون تڏھن به شادي باطل ناھي. عدالت فيصلو ڏنو ته عدت پوري ڪرڻ کان سواءِ شادي ڪندڙ جوڙي کي زنا جو ڏوهاري نه ٿو قرار ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button