اسلام آبادپاڪستان

مري ۾ پوندڙ برفباري ڏهن سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد:مري ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کي 10 سالن دوران رڪارڊ برفباري قرار ڏنو پيو وڃي.موسميات کاتي موجب مري ۾ 3 جنوري کان هينئر تائين 32 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان سان گڏ 94 ملي ميٽر برسات به رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب مري ۾ هن وقت گرمي پد ڪاٽو هڪ آهي ۽ شهر ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪالهه صبح کان مري ۾ هلڪي برفباري جاري رهي، سڀاڻي ٻنپهرن تائين برفباري جو سلسلو رڪجي ويندو. ٻئي طرف ڊي جي موسميات کاتي محمد رياض نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته موسميات کاتي پاران مٿانهين علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. هن ٻڌايو ته مري ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن جي دوران گرمي پد وڌيڪ ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button