پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

سرھاڙي: سرھاڙي شھر وارڊ نمبر 5 جي ڳوٺ هادي بخش ڀنگوار ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، خبر موجب سرهاڙي شهر جي وارڊ 5 جو ڳوٺ هادي بخش ڀنگوار هن جديد دور ۾ به سئي گئس، روڊ، تعليم، صحت جهڙي سهولت کان محروم آهي. ڳوٺاڻن سومر خان ڀنگوار، نظير ڀنگوار، الله بخش ڀنگوار، عباس ڀنگوار، ارباب ڀنگوار، گل حسن ڀنگوار ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پي پي جا ورڪر هوندي به اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسان جو ڳوٺ قديمي آهي، اسان جو ڳوٺ هر بنيادي مسئلي جو شڪار آهي، برسات سبب رستي تي پاڻي موجود ھجڻ ڪري ڳوٺ کان شھر طرف ويندڙ اسڪولي شاگرد سخت پريشان آھن. هنن وڌيڪ چيو ته روڊ جي سھولت نه هئڻ ڪري ڳوٺاڻن کي برسات توڙي ٻين ڏکيائين ۾ ايمرجنسي واري حالت ۾ وڏي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي سار لڌي وڃي، بنيادي سھولتون ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button