پاڪستانپنجاب

حڪومت بيان ڏيڻ بدران مري ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪڍي:شهباز شريف

لاهور:ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته مري سانحو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ تي رڳو نالائقي، نااهلي، بي حسي ۽ ظلم مڙهيل آهي.مري سانحي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مري سانحي بعد اهو ثابت ٿي ويو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي ۽ ملڪ تي رڳو ظلم مڙهيل آهي. هُن چيو ته حڪومت مري سانحي بابت حقيقتون ۽ سچ ٻڌائي ته جيئن ان تحت حڪمت عملي ٺاهي وڃي، مري ۾ هيل تائين هزارين گاڏيون ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن، عوام پريشان آهي، جنهن تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، حڪومت بيان ڏيڻ بدران مري ۾ ڦاٿل عوام کي ڪڍڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، انهن ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌي سميت گهرن ڏانهن محفوظ واپسي کي يقيني بڻائي. اپوزيشن ليڊر چيو ته معصوم ٻارڙن سميت ٻين جي فوت ٿيڻ تي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيون ٿا، واقعو اسان جون دليون زخمي ڪري ويو آهي، وقت تي قدم کنيا وڃن ها ۽ انتظاميا سمجهه سان ڪم وٺي ها ته ايترو وڏو حادثو نه ٿئي ها، حڪومت بيان ڏيڻ ۽ عوام کي ذميوار قرار ڏيڻ بدران قانوني ۽ انتظامي ذميواريون پوريون ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button