پاڪستانسنڌ

مقامي وڪيل بليڪ ميل ڪري رهيو آهي:ٽنڊوالهيار جا واپاري

ٽنڊوالهيار: هيومن رائيٽس يوٿ جي صدر ۽ انجمن تاجران ٽنڊوالهيار جي جنرل سيڪريٽري آصف اقبال آرائين، انجمن تاجران جي صدر وقار ميمڻ، عبدالستار گراڻو ۽ خالد قائمخاني پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مقامي وڪيل هرپال اسان جي خلاف فراڊ ڪرڻ جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي آھي. آصف اقبال آرائين چيو ته ٽن لکن جي چيڪ جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آھي، اهو چيڪ منهنجو ناهي، هرپال نالي وڪيل ان کانسوا ڊاڪٽر عبدالمالڪ جروار، سعد خانزادي ۽ ٻين ماڻهن خلاف به اهڙا بي بنياد ڪيس داخل ڪرايا آھن، جن جو تعداد 6 کان 7 آھي، وڪيل پاڻ ٽنڊو محمد خان ۾ داخل هڪ ڪيس ۾ روپوش هو، جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪيو. هنن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٽنڊوالهيار،ڊسٽرڪٽ بار ٽنڊوالهيار ۽ سنڌ بار ڪائونسل کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ڇو ته هرپال وڪيل پنهنجي وڪالت جو ناجائز فائدو وٺندي اسان سميت مختلف ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button