پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ ٽرانسفارمر سڙيل، گندو پاڻي روڊن تي جمع

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي شهر جا 10 کان وڌيڪ پاڙا ۽ شھيد ڀٽو چوڪ چار ڏينهن کان بجلي کان محروم آهن، بجلي نه هئڻ سبب گٽر جي پاڻي کي نيڪال ڪندڙ مشينون به نه هلي سگهيون، گندو پاڻي شھر جي داخلي روڊ تي بيهي رهيو آهي. شھيد ڀٽو چوڪ تي اٽي واري چڪين تي اٽو ختم ٿي ويو، ڪاروباري مرڪز شھيد ڀٽو چوڪ گپ ۽ گندگي جي ور چڙهي ويو، جنهن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿيڻ لڳو. 4 ڏينهن کان بجلي نه هجڻ سبب علائقي واسي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، پر حيسڪو عملي خراب ٽرانسفارمر جي مرمت ناهي ڪئي. پمپ مشينون نه هلڻ ڪري شھيد ڀٽو چوڪ، ڪنڊي پاڙي، لغاري پاڙي ۽ شھر جي داخلي روڊ تي گندو پاڻي بيٺل آهي. لغاري، غازي، ڪنڊي، مهراج، ڀيل، خاصخيلي، سمون، سميجو، ميگھواڙ پاڙن، شھيد ڀٽو چوڪ، گورنمينٽ بوائز اسلاميه ،گورنمينٽ گرلز ها اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ ڇپرا هوٽل واري علائقي ۾ بجلي ناهي. رهواسين محمد عارف، محمد اقبال، علائودين، شوڪت الزمان، حاجي اشرف لغاري ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خراب ٽرانسفارمر ٺھرائي شھر ۾ صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button