پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ پريس ڪلب جي چونڊ، بهادر چانڊيو صدر ٿي ويو

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ پريس ڪلب جي سالياني 2022ع جي چونڊ ٿي، سمورن ميمبرن جي راءِ سان صدر بهادر چانڊيو، نائب صدر گلشاد علي راجپوت، جنرل سيڪريٽري اشوڪ ڪمار کتري، اطلاعات سيڪريٽري ڀنڀو خان چانڊيو، خزانچي مدن ڪمار سوٽھڙ ۽ آفيس سيڪريٽري طالب چانڊيو چونڊجي ويا. ان موقعي تي محمد حنيف رند ۽ عيسى خان ٽنگڙي چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارايا. پريس ڪلب جي صدر بهادر چانڊيو چيو ته اسان پنهنجي صحافي برادري جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪنداسين ۽ هر مسئلو حل ڪنداسين. منهنجي ڪوشش آهي ته علائقي جي بنيادي مسئلن توڙي مظلوم طبقي جي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button