لاڙڪاڻي ۾ ميرو خان ويجهو ڳوٺ پيارو مگسي ۾ مبينا طور ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ وارثن ٻنهي مقتولن جا لاش شهر جي ايس ايس پي چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قاتلن ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن حبيب الله، ذوالفقار کوسو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته گذريل رات دير سان سيف الله ۽ نديم کوسو پنهنجي ڳوٺ ڀرسان سارين جي ديري تي موجود هئا ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻهن بيگناهه فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ طفيل کوسو، شيراز، نظام بروهي ۽ ڪريم جتوئي سخت زخمي ٿي پيا. هنن الزام لڳايو ته واقعي بعد اسان پيرا کنيا جيڪي ٿرڙي سم شاخ وٽ لڳا پر ميرو خان پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، جنهن سبب اسان لاشن جا ميرو خان اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش لاڙڪاڻي کڻائي انصاف لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري مقتولن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close