باقراڻي ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شھرين ۽ تنيا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالستار تنيو، يار محمد تنيو، اياز شيخ، علي حسن بروھي، صحافي محمد عالم تنيو، منظور تنيو ۽ ٻين دانھيندي چيو آهي ته باقراڻي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، روز ڦر ۽ چورين جا واقعا پيش اچي رھيا آھن. ھنن چيو ته گذريل رات نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن شھر مان گنجا تنيا واسي ٻن نوجوانن کان 80 ھزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي. ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته باقراڻي ٿاڻي جي نااھل ايس ايڇ او کي فوري طور ھٽائي نوجوانن کان ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close