پاڪستانپنجاب

شهباز شريف جي مني لانڊرنگ جاچ خلاف درخواست شنوائي لا منظور

لاهور :پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ جاچ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ جاچ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. انهي درخواست کي ها ڪورٽ ۾ شنوائي لا منظور ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ معاملي جي شنوائي ڪندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ ايف آءِ اي جي جاچ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ ڪيس رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. شهباز شريف درخواست ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته درخواست جي حتمي فيصلي تائين ايف آءِ اي کي جاچ کان روڪيو وڃي. عدالت کان ايف آءِ آر نمبر 39/20 خارج ڪرڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هڪ ئي الزام تي 2 ڪيس نٿا ٺاهي سگهجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button