اسلام آباد :ملڪ ۾ لاڳيتو مهانگائي جو عذاب ڀوڳيندڙ عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 30 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نومبر جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب جنوري جي بلن تي اضافي چارجز لاڳو ڪيا ويندا ۽ اضافي وصوليون جنوري جي بلن ۾ ڪيون وينديون. جڏهن ته اليڪٽرڪ ۽ لائيف لائن جي صارفين مٿان واڌ لاڳو نه ٿيندي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائيف لائن واهپيدارن تي نئون اگهه لاڳو نه هوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close