اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3019 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جون 49270 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3019 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. جڏهن ته وڌيڪ 5 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 ڏهائي 13 سيڪڙو رهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ آخري ڀيرو 6 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪرونا ڪيسن جي شرح 8 سيپٽمبر 2021 ۾ رڪارڊ ڪئي وئي هئي ۽ ان ڏينهن 84 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا هئا. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 13 لک 12 هزار 267، جڏهن ته فوتين جو مجموعي انگ 28992 ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close