اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اين اي 75 ڊسڪا تي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي واري معاملي تي 60 آفيسرن خلاف ڪرپٽ پريڪٽس تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن ڊي آر او سميت 27 پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ 7 ايس ايڇ اوز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. اڳوڻي ڊي سي سيالڪوٽ ذيشان احمد لاشاري ۽ اڳوڻي ڊي پي او سيالڪوٽ حسن اسد خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊسڪا ۽ اڳوڻي ڊي ايس پي سمبڙيال خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسرن خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊسڪا جي ننڍي چونڊ ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر به ڪرپٽ پريڪٽس جا ڏوهي آهن، 8 اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ پوليس اهلڪار به غير قانوني قدم کڻڻ ۾ ملوث قرار ڏنا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن سمورن آفيسرن خلاف ڊسپلنري ايڪشن جي سفارش ڪندي سمورن آفيسرن کي ٻيهر اليڪشن جي ڊيوٽي تي نه لڳائڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي ڪارروائي جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close