اسلام آبادپاڪستان

نيوي ڪلب ڊاهڻ ۽ نيول فارمز تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيوي سيلنگ ڪلب کي ڊاهڻ ۽ پاڪستان نيول فارمز جي زمينن تي قبضو ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي. پاڪستان نيوي سنگل بينچ جي الڳ الڳ فيصلن کي ٻن انٽرا ڪورٽ اپيلن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. بحريا گالف ڪورس کي سي ڊي اي حوالي ڪرڻ واري فيصلي کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي 7 ۽ 11 جنوري جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته چيف جسٽس اطهر من الله 7 جنوري تي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت پاڪستان نيول فارمز لاءِ جاري ڪيل اين او سي کي به غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت بحريا فارمز جي زمين به اختيارين حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پاڪستان نيوي اڄ انٽرا ڪورٽ اپيلن جي شنوائي لاءِ بينچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي. عدالتي فيصلي کي فوري طور معطل ڪرڻ لاءِ نيوي سيلنگ ڪلب، نيول فارمز ۽ نيوي گالف ڪورس خلاف متفرق درخواست داخل ڪئي وئي آهي. نيوي، عدالتي فيصلن تي فوري طور پابندي مڙهڻ جو به مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنگل بينچ جا ٻئي فيصلا ڪيس جي حتمي فيصلي تائين معطل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button