اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرمنل قانون ۾ ترميم تقريبن مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کان پوءِ جج لکت ۾ ٻڌائڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هر ڪرمنل ڪيس ۾ حڪومتي عمل دخل هوندو آهي ۽ ڪرائيم کي انجام تائين پهچائڻ رياست جو ڪم آهي. جڏهن ته عثمان مرزا جهڙن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ رياستي مشينري جي لاءِ اهم هوندو آهي. هن چيو ته ڪرمنل قانون ۾ ترميم تقريبن مڪمل ڪري ورتي آهي. جج لکت ۾ ٻڌائڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي. ان کان علاوه پوليس ايڪٽ ۾ به ترميم ڪئي ويندي جنهن سان ڪافي فرق پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close