پاڪستانپنجاب

پنجاب سرڪار نوازشريف جي طبي رپورٽس جي جائزي لاءِ بورڊ جوڙي ڇڏيو

لاهور: پنجاب سرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جائزي لاءِ بورڊ جوڙي ڇڏيو. 9 رڪني ميڊيڪل بورڊ 5 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو، جنهن جي روشني ۾ نواز شريف جي واپسي ۽ سندس ضمانتي شهباز شريف خلاف ڪارروائي جي لاءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. پنجاب سرڪار وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جائزي ۽ سندس ڏيهه واپسي بابت راءِ ڏيڻ جي لاءِ سينيئر ڊاڪٽرز تي ٻڌل 9 رڪني اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. بورڊ 5 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پنجاب حڪومت کي پيش ڪندو، جيڪا وفاقي حڪومت کي اماڻي ويندي. پنجاب سرڪار جي ترجمان حسان خاور موجب بورڊ جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عارف نديم، پروفيسر آف ميڊيسن سروسز اسپتال، پروفيسر ڊاڪٽر غياث النبي طيب، پروفيسر ڊاڪٽر ثاقب سعيد، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حميد، پروفيسر ڊاڪٽر بلال ايس محي الدين، پروفيسر ڊاڪٽر امبرين حامد، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق الرحمان، پروفيسر ڊاڪٽر مونا عزيز ۽ ڊاڪٽر خديجا عرفان خواجا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button