اسلام آبادپاڪستان

هاءِ ڪورٽس تعليمي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽس کي تعيلمي ادارن جي معاملن ۾ مداخلت تي احتياط سان ڪم وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سائيڪالوجي جي شاگردياڻي جي جاءِ تي پيپر ۾ ويهڻ تي ايمل خان کي ٽن سالن لاءِ نااهل قرار ڏيڻ بابت اپيل تي 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽس کي تعليمي پاليسين ۽ قاعدن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، قانون ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي کانسواءِ تعليمي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي. جمهوريت شخصيتن نه پر قانون تي عمل ڪرڻ سان قائم ٿيندي آهي.فيصلي موجب يونيورسٽيز ۾ تعيلمي ماهر هوندا آهن، جيڪي شاگردن بابت بهتر فيصلا ڪري سگهن ٿا. ججز جو ڪم ذاتي پسند نا پسند تي نه پر قانون مطابق فيصلا ڪرڻ آهي. عدالت چيو ته ايمل خان سائيڪالوجي جي شاگردياڻي جي جاءِ تي پيپر ۾ ويهڻ جي غلطي قبول ڪئي. سپريم ڪورٽ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي اپيل منظور ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ايمل خان جي ٽن سالن واري نااهلي جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ايمل خان يونيورسٽي جي فيصلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ ايمل خان جي ااهلي ٽن سالن کان گهٽ ڪري هڪ سال ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button