اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ لاءِ عوام تي بار وجهڻو پيو:وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته آءِ ايم ايف سڀ کان سستو قرض ڏي ٿو، ان وٽ وڃڻ مجبوري هئي ۽ انهن جا شرط مڃڻ لاءِ عوام تي بار وجهڻو پيو. ڪالهه قومي سلامتي پاليسي بابت اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته جهڙي ريت سڪيورٽي فورسز اسان کي محفوظ رکيو، ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي فورسز پاڪستان کي محفوظ رکيو، جيڪي فورسز پنهنجي ملڪن کي محفوظ نه بڻائي سگهيون، انهن جي حالت ڏسي وٺو. اسان خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ بهترين تربيت يافتا فورس آهي. هن چيو ته آ ايم ايف جا شرط مڃڻ لا سيڪيورٽي تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. اوهان ٿوري وقت کانپوءِ آءِ ايم ايف وٽ ويندا ته اوهان جي سيڪيورٽي متاثر ٿيندي. ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي ته دفاع به ڪمزور ٿيندو. معيشت ۾ ڪڏهن ائين نه سمجهيو ويو ته اسان کي پاڻ کي ڪيئن محفوظ رکڻو آهي، اسان جو گروٿ ريٽ مٿي ويندو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پيدا ٿي ويندو آهي. عمران خان چيو ته اسان آءِ ايم ايف وٽ مجبوري ۾ ويندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي مدد آءِ ايم ايف ئي ڪندو آهي، جيڪو اسان کي سستو قرض ڏيندو آهي. اسان کي انهن جا شرط مڃڻا پوندا آهن ۽ اسان جڏهن شرط مڃيندا آهيون ته عوام تي بار پوندو آهي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته عوام جو اوهان سان گڏ بيهڻ سڀ کان وڏي سيڪيورٽي آهي، جڏهن عوام ملڪ بچائڻ جي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز بڻجي وڃي ته اها سڀ کان وڏي نيشنل سيڪيورٽي هوندي آهي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته هيٺين طبقي کي مٿي آڻيون. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پهرين قومي سلامتي پاليسي جو عوامي ورزن جاري ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس ۾ تقريب ۾ وفاقي وزير، قومي سلامتي جو صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سمورا سروسز چيف، سينيئر سول ۽ فوجي عملدارن، ماهر، ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ سول سوسائٽِ سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعطم عمران خان پنهنجي خاص خطاب ۾ پنهنجي حڪومتجي قومي سلامتي پاليسي جي جوڙجڪ واري ڪامياب قدم کي اجاگر ڪيو. وزيراعطم عمران خان چيو ته قومي سلامتي پاليسي ان جي حڪومت جي پهرين ترجيح هئي. وزيراعظم هي حدف حاصل ڪرڻ تي قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. هن پاليسي تي ڪامياب عمل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته قومي سلامتي ڪميٽي باقاعدي ان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي. وزيراعطم واضح ڪيو ته قومي سلامتي پاليسي 2022-2026 جو محور حڪومت جو ورزن آهي جيڪا يقين رکي ٿي ته ملڪي سلامتي جو دارومدار شهرين جي سلامتي ۾ سمايل آهي. ڪنهن به قومي سلامتي پاليسي ۾ قومي هم آهنگي ۽ ماڻهن جي خوشحالي کي شامل ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته بنا فرق بنيادي حق ۽ سماجي انصاف جي ضمانت هجڻ گهرجي. هن چيو ته پنهنجي شهرين جي صلاحيتن مان فائدي لاءِ خدمتن تي ٻڌل سٺي ڊسيپلين کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ جاري معاشي پرڏيهي پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر معيد يوسف ڳالهائيندي قومي سلامتي پاليسي جو ويزن تفصيلي بيان ڪيو. هن مسلسل تعاون تي وزيراعظم عمران خان ۽ سمورن عملدارن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي اسان جي سلامتي تي اثر انداز ٿيندڙ روايتي ۽ غير ريوايتي مسئلن جي وسيع روشني ۾ جوڙي وئي آهي. قومي سلامتي پاليسي ۾ معاشي سلامتي، جيو اسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل پاسن جو محور آهي جنهن ۾ پاڪستان جي سلامتي جو استحڪام ۽ دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ خاص خاصيتون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button