اسلام آبادپاڪستان

دالين،چانورن،کير،گوشت ۽ ڳڙ سميت 16 شيون مهانگيون

اسلام آباد: وفاقي ڳڻپ واري کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 43 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 19 ڏهائي 82 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. ڳڻپ واري کاتي موجب سڀني کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي 20 ڏهائي 89 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڳڻپ واري اداري جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي ۾ 16 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بصر 5 رپيا 37 پيسا في ڪلو، ڪيلا هڪ رپيو 24 پيسا في ڊزن مهانگا ٿيا، جڏهن ته ماچيس جي دٻي جي اگهه ۾ 4 پيسا واڌ ٿي. انگ اکرن موجب مٽر 10 رپيا 19 پيسا ۽ وڏو گوشت 2 رپيا 89 پيسا مهانگو ٿيو، جڏهن ته هڪ هفتي دوران مڱن جي دال، چڻن جي دال، دال ماش، مسور، کير، چانور، ڳڙ ۽ سرسون جو تيل به مهانگو ٿيو. ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 9 شيون سستيون ٿيون ۽ 26 شين جي اگهن ۾ ڪابه واڌ يا گهٽتائي نه ٿي. جيئرو ڪڪڙ 7 رپيا 16 پيسا في ڪلو، بيضا 5 رپيا 49 پيسا في ڊزن ۽ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 7 رپيا 11 پيسا سستو ٿيو، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ کنڊ في ڪلو 16 پيسا سستي ٿي.ان کانسواءِ پٽاٽا، ٿوم، ٽماٽا، ايل پي جي سلينڊر ۽ ڏهي جي اگهن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button