اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪهڙي سلامتي پاليسي:پ پ

اسلام آباد: پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته هي ڪهڙي قومي سلامتي پاليسي آهي جنهن ۾ پارليامينٽ کان پڇا به نه ڪئي وئي. پنهنجي لاءِ تيار ڪيل پاليسي عوام تي مڙهي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان جي ڪتاب ” وومين پلاننگ ” جي مهورتي تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته رڳو رياست جي بيانيي کي تاريخ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، تاريخ ۾ عورتن جي جدو جهد به هن ظلم جو نشانو بڻي آهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان( ٽي ايل پي ) سان معاهدو ٿيو، هيل تائين سامهون نه آيو، چيو ويو ته معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ عوام جي سامهون اچي ويندو. رضا رباني چيو ته نيشنل سيڪيورٽي پاليسي آئي، هي ڪهڙي پاليسي آهي جنهن ۾ پارليامينٽ سان صلاح نه ڪئي وئي، هي قوم نه پر رڳو رياست جي پاليسي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button