مانسهرا : جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي سلامتي پاليسي ٺهي رهي آهي ۽ پارليامينٽ کي خبر ئي ناهي، قوم جو مستقبل اونداهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي. مانسهرا ۾ پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سيڪيورٽي پاليسي جي بنياد تي ڪشمير سان راند کيڏي پئي وڃي. عام ماڻهوءَ جي خريداري جي سگهه ختم ٿي وئي آهي، عمران اڳ ناجائز حڪمران هو ۽ هاڻي نالائق حڪمران بڻجي ويو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ به گو نيازي گو ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي. 5 ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا پر اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو ايجنٽ آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام ۾ بُرائي روڪڻ جو ذميوار حڪمران هوندو آهي، اسان وٽ بُرائي جي پاڙ ئي حڪمران آهن، انهن پاڙڻ کي ڪڍي اڇلائڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم جي گڏيل مفاد جي لاءِ عالمن کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. قومي معاملن ۾ هڪ شخص جي راءِ ڪافي ناهي. پاڪستان ۾ جي يو آءِ کي عوام جي ڀرپور حمايت ۽ اعتماد حاصل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close