اسلام آباد :اين سي او سي ملڪ ۾ ڪرونا جي شرح ۾ تيزي سان واڌ کانپوءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرونا ڪيسن جو جائزو وٺڻ ۽ ايس او پيز جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪرونا جي صورتحال تي صوبائي صحت ۽ تعليم واري وزيرن جو اجلاس 17 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. تعليم واري وزيرن جي اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪرونا ايس او پيز جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته صحت واري وزيرن جي اجلاس ۾ سماجي ۽ شادي تقريب، انڊور، آئوٽ ڊور ڊائننگ ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ايس او پيز جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو. اين سي او سي موجب 17 جنوري کان ملڪي اڏامن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سول ايوي ايشن اٿارٽي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته ماسڪ نه پائڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سمورا وفاقي يونٽ ڪرونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ وائرس سبب فوتين جو انگ 29 هزار تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ شرح ڪراچي ۾ 35 سيڪڙو آهي، جتي سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close