اسلام آباد :ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي منظوري اتفاق راءِ سان ڏني وئي آهي. اسان سينارٽي جي طريقيڪار کي ختم ناهيون ڪري رهيا، هڪ عورت جي پهريون ڀيرو مقرري ٿي رهي آهي ته ان منظوري ڏني آهي ۽ جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي منظوري ملڪي مفاد ۾ ڏني. واضح رهي ته جوڊيشل ڪميشن جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close