صوفي فقير: عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سيد علي مردان شاهھ جي ٻي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم سيد علي مردان شاھه سياست جي ميدان ۾ منهنجي استادن مان هڪ استاد هو، هن هميشه غريب عوام جي خدمت ڪئي، مرحوم علي مردان شاهھ هميشه هڪ سينيئر سياستدان هجڻ جي حيثيت سان اسان جي رهنمائي ڪئي هئي، هن جون سياست ۾ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن مرحوم جي پٽ ايم پي اي امير علي شاهھ سان مخاطب ٿيندي چيو ته علي مردان شاهھ جئين هن علائقي جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ پ پ قيادت سان ثابت قدم رهيو، ايئن ئي اوهان هن علائقي جي عوام جي خدمت ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جئين ئي پي ٽي آئي جي حڪومت آئي آهي، تئين هن ملڪ ۾ هر سال ڪڻڪ جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ هارين کي پنهنجي فصل جو پورو معاوضو نٿو ڏنو وڃي، هن وقت ڀاڻ مارڪيٽ ۾ ملي نٿو، ڀاڻ جي قيمت ٻيڻي آهي، پر سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ خود ڪفيل آهي، پر غريب هارين کي فرٽيلائيزر جي مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي ٻيڻي قيمت ڏيڻي پوي ٿي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 27 فيبروري کان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، مون کي اميد آهي ته هميشه جيان ميرپورخاص ڊويزن مان هزارين ماڻهو اسان سان گڏ هوندا، انشاالله پاڻ سڀ گڏجي هن ملڪ کي پي ٽي آئي جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ ڪوچيئرمين آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ٻيهر عوامي راڄ آڻينداسين. ان کان اڳ وڏي وزير مراد شاهھ اڳوڻي صوبائي وزير علي مردان شاهھ جي ايثال ثواب لاءِ دعا مغفرت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهھ، صوبائي وزير سردار شاهھ، صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ايم پي اي راڻا همير سنگهه سوڍو، ضياالحسن لنجار، ايم پي اي امير علي شاهھ ۽ ٻين پڻ ورسي تقريب کي خطاب ڪيو. ورسي تقريب ۾ ايم اين اي پير امير علي شاهھ، ايم پي اي ھريرام ڪشوري لال، ايم پي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي ذوالفقار علي شاهھ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل، پير امداد علي شاھه، جاويد ناياب لغاري، اڳوڻو ضلعي چيئرمين ٿرپارڪر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، اڳوڻو ضلعي چيئرمين عمرڪوٽ ڊاڪٽر نور علي شاهھ، اڳوڻو چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ سيف الله خالد سراج سومرو، انجنيئر گيانچند، صحافي نياز پنھور، اديب دانشور نصير مرزا، ناز سھتو، سينيئر اديب مدد علي سنڌي، پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد علي شاهھ ۽ ٻين سياسي سماجي شخصيتن سميت پ پ ورڪرن توڙي عمرڪوٽ جي شهرين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close