اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جي پنجين لهر آهي پر ڪاروبار بند نه ڪنداسين:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا جي پنجين لهر سامهون آهي پر ڪاروباري مرڪز بند نه ڪنداسين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حالتون خراب آهن پر ڪاروبار لا آسانيون پيدا ڪيون آهن. ڪالهه نيشنل سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي 21 – 2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمال اينڊ ميڊيم سيڪٽر لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. ننڍي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، ڪاروبار ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ کاتن ۽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ريگيوليشنز کي آسان بڻائينداسين، اسان جي ٽي سالا محنت ۽ پاليسين جا اثر نظر اچي رهيا آهن. پاڪستان جو روانگي واپار هن وقت رڪارڊ سطح تي آهي، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن ٿي آهي، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. چار اهم فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آئي آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته شهرن ۾ زمين مهانگي هوندي آهي ۽ ننڍي بزنس مين وٽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ پئسو ناهي هوندو، حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي، آسان ليز تي ڪاروبار جي لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا ۽ ربينُون ڪٽڻ جو خاتمو ڪيو ويندو. اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو به کاتو ۽ آفيسر زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبي سميت ڪاروبار جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته هاڻي ٻيهر هڪ نئين لهر اچي رهي آهي، ان لاءِ اسان کي ايس او پيز تي پوري طرح عمل ڪرڻو آهي. مون حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، 6 هزار ارب رپين جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. 8 هزار ارب رپين کان به وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، ان جي لاءِ اسان آٽوميشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻي رهيا آهيون ڇو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، رڳو 20 لک ٽيڪس ڏيندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته رپئي تي پريشر ۽ دنيا ۾ ڪوويڊ جي صورتحال جي ڪري مهانگائي ٿي آهي پر موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جو رڪارڊ وڪرو به ٿيو آهي. پاڪستان ۾ موبائيل فون ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، مڃان ٿو ته مشڪل وقت آهي پر ٽن سالن ۾ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي آهي جنهن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وڏن شهرن جي منصوبي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، فواد چوڌري، ڊاڪٽر شهباز گل سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ ماهر به موجود هئا. اجلاس ۾ 10 وڏن شهرن لاءِ خاص ترقياتي پئڪيجز، اڏاوتي پلان ۽ سهولتون وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جي حقيقي انجڻ آهن. ٻهراڙي کان شهري علائقن جي لڏپلاڻ جي ڪري شهرن آڏو ڪيترائي چئلينجز آهن. وزيراعظم چيو ته وڏن شهرن ۾ رهائش نوڪري جا موقعا ۽ شهري سهولتن جي کوٽ آهي. وزيراعظم چيو ته وڏن شهرن لاءِ خاص ترقياتي پئڪيجز تي ڪم تيز ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button