اسلام آبادپاڪستان

عورتن خلاف تشدد جهڙن معاملن جي ڪيسن جي ڊيٽا طلب

اسلام آباد : پارلياماني سيڪريٽري مليڪا بخاري اعلان ڪيو آهي ته نور مقدم قتل ۽ عثمان مرزا ڪيس جي پيروي رياست پاڻ ڪندي. پنهنجي بيان ۾ مليڪا بخاري عثمان مرزا ڪيس ۾ عدالت ۾ خود پيش ٿيڻ جو به اعلان ڪندي چيو ته وزيراعظم قانون واري وزارت کي خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارڙن جي خلاف تشدد ۽ جنسي تشدد جي هر ڪيس جي پيروي ڪئي ويندي. هن چيو ته عثمان مرزا ڪيس جا ٻئي مدعي پنهنجي پراڻي بيان تان ڦري چڪا آهن. وڊيو ۽ فورنزڪ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. مليڪا بخاري چيو ته هر اهڙو ثبوت سامهون آندو ويندو جنهن سان جوابدار کي سزا ملي سگهي. ڪوشش ڪنديس ته عدالت آڏو موقف ۽ ثبوت پيش ڪري سگهان. هن چيو ته ڪوشش هوندي ته نور مقدم ڪيس ۾ ظاهر جعفر جي وڪيل پاران مقتول عورت جي ڪردار تي سوال رڪارڊ جو حصو نه بڻجن، قانون شهادت ۽ اينٽي ريپ لا عورت جي ڪردارڪشي جي اجازت نٿو ڏي. مليڪا بخاري چيو ته خاص ڪري عورتون پنهنجا ڪيس عدالتن تائين ضرور آڻين، رياست انهن سان گڏ بيٺي آهي. مليڪا بخاري موقف اختيار ڪيو ته عورتن جي خلاف تشدد جهڙن معاملن جي ڪيسن جو ڊيٽا طلب ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button