سنڌ

کپرو،هٿونگو،ڀٽ ڀائٽي ۽ کاهي ۾ احساس رقم مان 2 هزار جي ڪٽوتي

کپرو :کپرو ۾ احساس ڪفالت جي قسط جاري ٿيڻ شرط اومني سينٽرن تي ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وئي. جڏهن تـه هٿونگو، ڀٽ ڀائٽي، کاهي سميت کپرو تعلقي جي مختلف سينٽرن تي احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق عورتن جي لا آيل وطيفي جي رقم 12000 هزارن مان اومني ڊوائيس مالڪ هر عورت کان قسط تي هڪ هزار کان 2000 هزار زبردستي ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آهن. احساس ڪفالت سينٽرن تي آيل عورتن رجني سجنا ۽ ٻين ٻڌايو تـه اسان کان هر واري هر قسط تي هڪ هزار روپيا زبردستي ڪاٽيا وڃن ٿا، انڪار تي پئسن جي لا رلايو وڃي ٿو. جڏهن تـه کپرو تعلقي جي اڪثر اومني ڊوائيزرن جو چوڻ هو تـه اسان کان اومني فرنچائيزر احساس ڪفالت پروگرام جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سانگھڙ ۽ ڊائريڪٽر بينطيرآباد 500 کان 600 سئو في نالي تي مبينا ڀتو وٺي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button