اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت کي ٽن سالن ۾ 5 ڏهائي 37 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته جي ڊي پي گروٿ جي ڪري روزگار جا جوڳا موقعا پيدا ٿيا. جمعي تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي اقتصادي سڌارن جي ڪاميابي کي پرڏيهي سطح تي تسليم ڪيو ويو. بلوم برگ اڳڪٿي ڪئي ته پاڪستان ترقي جي تيز رفتار ۽ روزگار جي سطح کي برقرار رکندو. وزيراعظم چيو ته ڪووڊ وبا کان پوءِ پاڪستان کي نارمل سي انڊيڪس ۾ پهرين ٽن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دي اڪانومسٽ پنهنجي تازي نارمل سي انڊيڪس ۾ نوڪريون ۽ انساني جانيون بچائڻ جي ڪوشش کي تسليم ڪيو. ٻئي طرف سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار ايوب آفريدي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن، کين ووٽ جو حق ڏيڻ سميت حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزير اعظم چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن. حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي آسانيون پيدا ڪيون. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پار پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل قائم ڪيو ويو آهي. وزير اعظم خاص صلاحڪار کي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ سفارتخانن وچ ۾ رابطا وڌائي مسئلا حل ڪرڻ واري رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌياڻ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close