اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جا رڪارڊ 7 هزار 678 ڪيس رپورٽ،23 ماڻهو فوت

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتگين ۾ ٻيهر واڌ اچي وئي، هڪ ئي ڏينهن ۾ 7 هزار 678 ڪيس سامهون آيا آهن. 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 23 ماڻهو فوت پڻ ٿي ويا. شرح وڌي 13 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. ان ڏس ۾ ڪالهه اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 7 هزار 678 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 23 مريض هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته وڌيڪ 814 مريض صحتياب ٿي ويا ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 12 ڏهائي 93 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 29 هزار 65 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. هن وبا جي ڪل مريضن جو انگ 13 لک 53 هزار 479 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 57 هزار 935 علاج هيٺ آهن ۽ مريضن مان 961 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 66 هزار 479 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 59 هزار 343 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 44 لک 15 هزار 716 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7 لک 86 هزار 27 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. اهڙي ريت ڪل 17 ڪروڙ 7 لک 11 هزار 868 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 7 ڪروڙ 88 لک 60 هزار 543 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ 5 لک 16 هزار 874 مريضن جو انگ ٿي چڪو آهي، ڪل فوتگيون 7 هزار 727 ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button