ڪنري: نبي سر روڊ پوليس پاران ڀيل برادري جي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري خلاف بي آ ايف جي اڳواڻن مرڪزي اڳواڻ نرمل ڀڳوان داس، پاڪستان دراوڙ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ فقير شيوارام ڪڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪنري جي آمريڪن چوڪ تي سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نبي سر پوليس سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ مان ضمانت منظور باوجود پنهون، ڀيلى، والميس ڀيل ۽ ٻين کي گرفتار ڪري توهين عدالت ڪئي آھي. ان ڏس ۾ پوليس موجب نبي سر ٿاڻي تي ڪوير ڀيل جي فرياد تي پنهون ۽ والميش ڀيل سميت 5 جوابدارن خلاف ڦر ۽ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ٿيل آھي، ڀيل برادري جو چوڻ ھو ته پوليس فريادي ڌر جي ونگار وهندي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙو ختم ڪري گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close