سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي هاري ٽريڪٽر ريلي: وفاق زراعت تباهه ڪري ڇڏي آهي:مراد علي شاهه

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت لاڙڪاڻي جي مري باءِ پاس روڊ تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ٽريڪٽر ٽرالين جي صورت ۾ هڪ وڏي ڪسان ٽريڪٽر ريلي مري با پاس تي پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ريلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اوهان جيڪي پارٽي جا عهديدار، ڪارڪن ۽ عام ماڻهو هزارن جي انگ ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون مان اوهان کي سلام پيش ڪريان ٿو. هي ريلي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تحت ڪڍي وئي آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ ۾ مهانگائي، ڀاڻ، تيل ۽ گئس جي کوٽ، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي خلاف لانگ مارچ جو سڏ ڏنو آهي. هن چيو ته اچو ته گڏ ٿي هن نااهل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪريون ڇو ته هن حڪومت ۾ هر شي جي کوٽ آهي ۽ غريب مزدور، هاري ۽ عام ماڻهو ٻن وقتن جي ماني لاءِ ترسي رهيو آهي، پهريان خبر پئي ته ڪڻڪ جي کوٽ آهي ۽ وفاقي وزير چيو 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ڪيڏانهن ويون پر مان چوان ٿو ته ڪڻڪ سان گڏوگڏ کنڊ ۽ هاڻي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ٿي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سستي اگهه ۾ ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهر موڪلن ٿي ۽ وڌيڪ اگهه تي ٻاهران گهرائي پئي وڃي، جنهن جو اثر غريب ماڻهن تي پوي ٿو. هن چيو ته زراعت معشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي جنهن کي نااهل وفاقي حڪومت تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ معشيت جو بحران ٿيو آهي. هن چيو ته جڏهن پ پ حڪومت ۽ آصف زرداري صدر هو ته ان دور ۾ کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو بحران پيدا نه ٿيو پر جڏهن کان هي حڪومت آئي آهي ته ڪڻڪ ٻاهر موڪلي وڃي ٿي ۽ ڀاڻ گئس مان پيدا ٿئي ٿو اتي ان جي به قلت آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڀاڻ جي پيداوار گهڻي مقدار ۾ هوندي آهي پر تنهن هوندي به انهن شين جي کوٽ آهي جيڪو ظلم ۽ سنڌ سان زيادتي آهي. هن چيو ته اسان جو سڪو بنگلاديش کان به گهٽجي ويو آهي ان لاءِ هي اڄوڪو احتجاج غريبن جو آهي جيڪي مهانگائي، بيروزگار، بک ۽ بدحالي جي ڪري گڏ ٿيا آهن ته جيئن نااهل ۽ نا لائق حڪومت خلاف ڀرپور احتجاج ڪري سگهن ان لاءِ پوري ملڪ جو عوام 24 تاريخ کي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي هن ڪسان ٽريڪٽر مارچ کي اڳتي وڌائيندا ۽ 27 فيبروري کان چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ مزار قائد وٽ گڏ ٿي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪنداسين ۽ نااهل حڪومت جو خاتمو آڻبو ته جيئن عوام کي غربت مان نجات ملي سگهي ۽ اسان عوام جي طاقت سان اڳتي وڌندا رهنداسين. هن چيو ته اسان جي دور ۾ خوشحالي آئي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جو مقصد به اهو آهي ته عوام جي خدمت ڪجي ڇو ته هن حڪومت ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي عوام جون خوشيون کسيون آهن پر اسان اوهان جي خدمت ڪنداسين، هتي لاڙڪاڻي ڊويزن جا هزارين هاري ۽ آبادگار گڏ ٿيا آهن جيڪي هن نااهل وفاقي حڪومت کان نجات چاهين ٿا. ان موقعي تي ريلي کي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، اعجاز احمد جکراڻي، خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي نواب برهان خان چانڊيو، خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، قمر الدين گوپانگ، عمران جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button