قمبر جي ڳوٺ حاڪم شاهه ٿانهريو جي رهواسي مصري شاهه مظهر شاهه ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو تاج محمد مغيري ۽ واجد مغيري جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ محرم شاهه مٿان جوابدارن فائر ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا. اهڙو ڪيس ماهي مڪول ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هنن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close