ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27 جنوري کان 27 فيبروري تائين هلندڙ ايڇ بي ايل پي ايس ايل-7 لاءِ اڳوڻن رانديگرن ۽ نامور مبصرن جي ڪمنٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي ته انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جا اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ مشهور مبصر نڪ نائيٽ ۽ مائيڪ هيزمين پاڪستان سپر ليگ ۾ مبصر طور ڪم ڪندا. مائڪ هيزمين تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪيو آهي ته جيئن ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري ۽ نيشنل ٽي-20 ڪپ تي تبصرو ڪري سگهي. ان کان علاوه انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ۽ موجوده مبصر ڊيوڊ گاور ٻيو ڀيرو ايڇ بي ايل پي ايس ايل ۾ تبصرو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي.
هو ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ليگ جي پهرين مرحلي تي تبصرو ڪندو. هن جي جڳهه تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪمنٽري باڪس ۾ نيوزيلينڊ جو اڳوڻو فاسٽ بالر ڊيني موريسن ڪمينٽري ڪندو. زمبابوي جي معروف آواز پومي امبينگوا به ليگ جي پهرين دور لاءِ دستياب هوندي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ جاري لائيو ايڪشن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ستارن کان علاوه اڳوڻو پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ نامور مبصر به ڪمنٽري باڪس جو حصو هوندا. قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس، بازيد خان، ثناءَ مير، عروج ممتاز ۽ مرينا اقبال کان علاوه اردو ڪمنٽري ۾ پاڪستان جي موجوده سڃاڻپ طارق سعيد به ليگ ۾ ڪمنٽري جا فرض سرانجام ڏيندو.