اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وبا ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، هڪ ڏينهن دوران مثبت ڪيسز جي شرح يارنهن ڏهائي هڪ سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڪرونا وائرس سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 77 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار 540 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 13 لک 60 هزار 19 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 4 لک 60 هزار 335، سنڌ ۾ 5 لک 20 هزار 215، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 83 هزار 865، بلوچستان ۾ 33 هزار 855، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 480، اسلام آباد ۾ هڪ لک 15 هزار 939 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 35 هزار 130 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 618 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 58 هزار 902 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 67 هزار 598 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 55 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close