اسلام آباد: منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو 100 سيڪڙو عمران خان جو هو. هڪ بيان ۾ اسد عمر چيو ته جنهن گڏجاڻي ۾ نواز شريف کي ٻاهر اماڻڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن وقت ان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته مون سميت 6 کان 8 ماڻهو موجود هئا. نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو 100 سيڪڙو عمران جو هو ۽ عمران خان ناهي چيو ته فيصلو هن جو ناهي. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي سينيئر ليڊر شپ ڪمري ۾ موجود هئي، نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ جي فيصلي ۾ سڀني جي راءِ مختلف هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close