اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ (پيڪا) ۾ ترميم ڪري چائلڊ پورنو گرافي جي ڏوهه جي سزا 7 سال قيد مان وڌائي 14 کان 20 سالن تائين ڪئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چائلڊ پورنو گرافي جي جوابدار شهزاد خالق جي سزا خلاف اپيل رد ڪرڻ جو 24 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو. عدالت چائلڊ پورنو گرافي جي ڪيسن ۾ عالمي معيار تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ويڊيو ثبوت جي فرانزڪ ايجنسي کان تصديق ٿي وڃي ته چائلڊ پورنو گرافي ۽ جنسي ڏوهن جي متاثرن کي عدالت گهرائڻ جي ضرورت ناهي. جوابدارن جي سزا لاءِ فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي رپورٽ کي حتمي تصور ڪيو وڃي. عدالت جو چوڻ آهي ته ٽرائل ڪورٽس يقيني بڻائين ته چائلڊ پورنو گرافي جي ڪيسن جو ان ڪئميرا ٽرائل ڪيو وڃي. متاثر ٻار کي عدالت ۾ جوابدار سان گڏ پيش نه ڪيو وڃي، ان جو بيان ويڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيو وڃي. عدالت وفاقي حڪومت کي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري چائلڊ پورنو گرافي جي سزا 14 کان 20 سالن تائين ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. عدالت جوابدار شهزاد خالق جي اپيل رد ڪندي چائلڊ پورنو گرافي جي ڏوهه ۾ ان کي 14 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ، نازيبا ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ تي 5 سال قيد ۽ هٿيار ڏيکاري مارڻ جي ڌمڪين تي 2 سال قيد جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close