پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ ناري سان مبينا زيادتي، پوليس خلاف وارثن جو احتجاج

عمرڪوٽ: ڪنري ۾ ناري سان مبينا زيادتي ڪئي وئي. وارثن ۽ ڳوٺاڻن ڪنري پوليس خلاف مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ مهر علي ڀٽي جي رهواسين ڀيل برادري جي عورتن ۽ مردن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪنري پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. ڳوٺ مهر علي ڀٽي ڏگو فارم جي رهواسين آچار ڀيل، سرتو ڀيل، هوتو ڀيل، فتو ڀيل، ڌرمي ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪالهه ڏينهن اسان جي ناري ٻني ۾ مرچن جي چونڊائي ڪري رهي هئي ته جوابدار ٻني ۾ اچي ناري سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. ناري جي رڙين تي سندس مڙس ۽ ٻيا ماڻهو پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو، اسان واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ڪنري ٿاڻي تي وياسين، پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار پوليس ۾ آهي، هو اسان کي خاموش ڪرائڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button