غلام نبي شاهھ: غلام نبي شاهھ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي سرڪاري اگھه تي عمل نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي غلام نبي شاهھ جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ايس يو پي اڳواڻن قادر ڪنڀر، عثمان ڪنڀر، ٽيڪم ساگر، کيمچند ڪولھي، لالو ڪولھي، موھن ڀيل ۽ ٻين باب شاھه مردان شاھه آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته غلام نبي شاھه ۾ چڪي مالڪن کي سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا ملي پئي، پر شھر ۾ اٽي جو اگھه 2900 سئو رپيا في مڻ آهي، ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه 1950 رپيا ھجڻ باوجود چڪي مافيا ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي ملي ڀگت سان غريب ماڻھن کي ڦريو پيو وڃي. چڪي مالڪ سرڪاري ڪوٽا کڻي اٽو مھانگو وڪرو ڪن پيا. ھنن ڊي سي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته چڪي مافيا خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close