پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ گولي لڳڻ سبب نينگري مارجي وئي، پي گرفتار

سرھاڙي: سرهاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست علي مگسي ۾ نينگري 14 ورهين جي حنا ڌي زمان مگسي پسٽل جي گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي، جنهن نوابشاھه اسپتال ۾ دم ڏنو. سرھاڙي پوليس لاش تعلقي شهدادپور اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف پوليس نينگري جي پي زمان مگسي کي گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪيو ۽ مٿس سرڪاري فرياد تيڪيس داخل ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي نينگري جي چاچي گلزار احمد مگسي ٻڌايو ته ناري ڪمري جي صفائي ڪري رهي هئي ته پسٽل لوڊ هئڻ سبب هٿ لڳڻ ڪري ڳولي هلي وئي ۽ هو زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه نيو ويو، جتي فوت ٿي وئي. هن الزام هڻندي چيو ته پوليس ناجائزي ڪندي نينگري جي پي کي ڦاسائي گرفتار ڪري ڪوڙُ ڪيس داخل ڪيو آهي. هن گهر ڪئي ته ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button